سيد قائم علي شاهه:

سيد قائم علي شاهه:

سيد قائم علي شاهه

سيد قائم علي شاهه: سنڌ جو ٽي ڀيرا وڏو وزير رهندڙ، ناميارو قانوندان ۽ نامور سياستدان، سيد قائم علي شاهه، 13 سيپٽمبر 1933ع تي خيرپورميرس ۾، سيد رمضان علي شاهه جيلانيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو.
سيد قائم علي شاهه ابتدائي تعليم ۽ مئٽرڪ خيرپور مان ڪئي، جنهن بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي ۽ ايس. ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ايل. ايل. بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 1957ع کان خيرپور ۾ وڪالت جي شروعات ڪيائين ۽ سنڌ ۽ ملڪ جو ناميارو وڪيل ثابت ٿيو. ساڳئي سال 1957ع ۾ سيد قائم علي شاهه ’خدمت خلق‘ نالي هڪ سماجي تنظيم قائم ڪئي، جنهن جو پاڻ صدر ٿي رهيو ۽ هن تنظيم جي پليٽفارم تان عوام جي فلاح ۽ بهبوديءَ لاءِ ڪيترائي ڪم ڪيائين.
سيد قائم علي شاهه 1958ع ۾ خيرپور ۾، ذاتي ڪوششن ۽ دوستن جي مدد سان عوامي بهبود ۽ ڀلائيءَ لاءِ ’پائيز ڪلب‘ قائم ڪئي، جنهن سان مقامي ماڻهن کي تمام گهڻا فائدا پهتا ۽ پنهنجي علائقي ۾ شاهه صاحب کي وڏي شهرت ملي.
سيد قائم علي شاهه جي سماجي خدمتن کي نظر ۾ رکندي، (شهيد) ذوالفقار علي ڀُٽي، 1970ع جي چونڊن ۾، کيس پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ ڏني، جنهن تحت قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو ۽ کيس وفاقي ڪابينا ۾ صنعت ۽ ڪشمير افيئرس جو وزير مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ سيد قائم علي شاهه صوبائي اسيمبلي سنڌ ۾ 1990ع، 1993ع ۽ 2002ع جي چونڊن ۾ لڳاتار ميمبر چونڊجندو آيو، جڏهن ته 1997ع ۾ پيپلز پارٽيءَ طرفان سينيٽر چونڊيو ويو. سياست جي شروعاتي دور ۾، سيد قائم علي شاهه، سنڌ ڪابينا ۾ وزير رهيو. ان دوران هن خيرپور ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪرائي، جنهن جو سنگ بنياد، هن 27 مئي 1976ع تي رکيو.
سيد قائم علي شاهه، 1977ع ۾ ملڪ ۾ مارشل لا لڳڻ کانپوءِ، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٻين اڳواڻن سان گڏ، جنرل ضياءُ الحق جي جبر جو نشانو بڻيو. هن جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ (MRD) ۾ نمايان ۽ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو.
1988ع ۾ پاڪستاني سياست جو وايومنڊل تبديل ٿيو ۽ ڊگهي عرصي کان پوءِ ملڪ ۾ سياسي بنيادن تي چونڊون ڪرايون ويون. هنن چونڊن ۾ سيد قائم علي شاهه پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. محترمه بينظير ڀٽو کيس سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪيو ۽ هن 2 ڊسمبر 1988ع تي وڏي وزير جي عهدي جو حلف کنيو، پر بدقسمتيءَ سان ان عرصي ۾ سنڌ اندر بدامني عروج تي رهي، خاص ڪري ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ لساني فسادن دوران ڪيتريون جانيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترا گهر اُجڙيا. محترمه بينظير ڀٽو، سيد قائم علي شاهه کان وڏ وزارت جو عهدو واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هن 25 فبروري 1990ع تي پارٽيءَ جي سربراهه کي مان ڏيندي، وزيراعليٰ سنڌ جي عهدي تان استعيفا ڏني. محترمه بينظير ڀٽو جي دردناڪ شهادت کانپوءِ 2008ع جي چونڊن ۾ سيد قائم علي شاهه صوبائي اسيمبلي سنڌ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ 6 اپريل 2008ع تي ٻيو ڀيرو سنڌ جو وزيراعليٰ منتخب ٿيو. تازو 2013ع وارين چونڊن جي نتيجـي ۾ صـوبائي اسيمبليءَ جو مـيمـبر چـونڊجڻ کانپوءِ ٽيون ڀيرو سنڌ جو وزيراعليٰ منتخب ڪيو ويو آهي.
سيد قائم علي شاهه جو شمار پيپلز پارٽيءَ جي بنيادي ميمبرن ۽ شهيد ڀُٽي جي ويجهن ساٿين ۾ ٿئي ٿو.
سيد قائم علي شاهه پهريون ڀيرو 1973ع کان 1977ع تائين، ٻيو ڀيرو 1987ع کان 1997ع تائين ۽ ٽيون ڀيرو 2004ع کان اڄ تائين پ پ سنڌ جو صدر رهندو آيو آهي، جيڪو پارٽيءَ جي تاريخ جو هڪ رڪارڊ آهي
سيد قائم علي شاهه کي چئن پٽن ۽ اٺن نياڻين جو اولاد آهي. سندس پهرين شادي ننڍپڻ ۾ خاندان مان ٿي هئي. ٻي شادي نامور قانوندان اي. ڪي. بروهيءَ جي ڀيڻ حُسن افروز سان ٿي، جيڪا 1970ع ڌاري وفات ڪري وئي. ڪجهه سالن کان پوءِ سندس پهرين گهر واري به گذاري وئي ته خاندان جي بيحد اصرار تي سيد صاحب ٽين شادي ڪئي.
سيد قائم علي شاهه جي نياڻي سيده نفيسه شاهه سياسي ۽ سماجي اڳواڻ، صحافي ۽ ليکڪا هئڻ سان گڏ هن وقت نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊيولپمينٽ (NCHD) جي چيئرپرسن آهي. هن ’ڪاروڪاريءَ‘ جي موضوع تي پي. ايڇ. ڊي پڻ ڪئي آهي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي آهي. هوءَ گذريل دور ۾ ضلعي خيرپور جي ناظمه به رهي چڪي آهي.
سـيد قائـم عـلـي شاهه جون ٻه نياڻيون ڊاڪـٽر نـصـرت شـاهه ۽ ڊاڪٽر نگهت شاهه گائنوڪالاجسٽ آهن. سندس هڪ ڌيءَ ناهيد شاهه، سول سروس ۾ اعليٰ عهدي تي آهي. هوءَ سيڪريٽري تعليم به رهي چڪي آهي. سندس مڙس اقبال دراني صاحب سيڪريٽري سروس ۽ ٻين ڪيترن اهم ادارن جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي. سيد قائم علي شاهه جي پٽن مان اسد علي شاهه، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽ (ICAP) جو صدر ۽ ڪجهه بين الاقوامي ادارن جو ميمبر پڻ رهيو آهي. ڊاڪٽر لياقت علي شاهه اکين جو ماهر ۽ مظفر علي شاهه زراعت ۽ زمينداريءَ سان لاڳاپيل آهي، جڏهن ته افضل شاهه سائنسدان جي حيثيت سان آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي.
مئي 2013 وارين عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ وڏي اڪثريت سان کٽي آئي ۽ سنڌ صوبي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت قائم ٿي ته سيد قائم علي شاهه کي ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير چونڊيو ويو آهي. هن 30 مئي 2013 تي پنهنجي ڪابينا سميت وڏي وزير جي عهدي جو حلف کنيو.
سيد قائم علي شاهه جو ابتدا کان وٺي، وڪالت جي پيشي ۽ سماجي خدمتن سان گڏ ادبي سرگرمين سان به ڪافي دلچسپي رهي. استاد عطا محمد حامي، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ ٻين سان سندس گهرا تعلقات رهيا. جڏهن سچل سرمست جي ميلي لڳائڻ ۽ ادبي ڪانفرنس ڪرائڻ لاءِ سچل اڪيڊمي ۽ بعد ۾ 1981ع ڌاري پهرين سچل يادگار ڪميٽي قائم ٿي، ته سيد قائم علي شاهه اُن ۾ سرگرم ڪارڪن طور حصو ورتو. پنهنجي وڏ وزارت واري دور ۾ هن سچل سرمست جي ميلي ۽ ڪانفرنسن جي انعقاد ۾ دل کـولـي مـالـي مـدد ڪئي. پيپلز پارٽيءَ جي گذريل حڪومت، ثقافت کاتي جي وزير محترمه سسئي پليجو کي سيد قائم علي شاهه سچل سرمست جي درگاهه جي مرمت، سجاوٽ، سچل ڪامپليڪس ۽ آڊيٽوريم جي اڏاوت، سچل سرمست لائبرري خـيـرپـور جي وسـعـت ۽ نئين تعميـرات لاءِ دل کـولـي گـرانـٽـون ڏنيون. حامي يادگار ڪميٽيءَ کي مالي گرانٽ سان گڏ عطا محمد حاميءَ جي مزار ۽ ڪانفرنس گرائونڊ جي تعميرات لاءِ خطير رقمون جاري ڪيون. شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شهيد بينظير ڀٽو چيئرس قائم ڪرڻ لاءِ فند جاري ڪيا. سندس دور ۾ آرڪيالاجي کاتو مرڪز کان سنڌ جي حوالي ٿيو ۽ سنڌ جي ثقافتي ماڳن جي حفاظت جو ڪم سنڌ حڪومت کي مليو. شاهه صاحب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ڀلائي ۽ ترقيءَ لاءِ خصوصي فنڊ فراهم ڪرڻ سان گڏ ان جي چڱي سرپرستي ڪئي آهي، جنهن سان سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ هن اداري کي استحڪام مليو آهي.


لفظ سيد قائم علي شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.09.13  عيسوي

سنڌ جو ٽي ڀيرا وڏو وزير رهندڙ، ناميارو قانوندان ۽ نامور سياستدان، سيد قائم علي شاهه، 13 سيپٽمبر 1933ع تي خيرپورميرس ۾، سيد رمضان علي شاهه جيلانيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد قائم علي شاهه موسوي
توخته بيگ
جمعو فقير 1
ثاقب منگي
صابري يشڪري
باغ محمد بيشڪ جوکيو
اي جي چانڊيو
خان خانان مرزا عبدالرحيم
شهريار خان مهر
ارباب الهجڙيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون